ضياءُ الحسين لنجار

ضياءُ الحسين لنجار

ضياء الحسين لنجار

ضياءُ الحسين لنجار: قانون ۽ جيلن جي کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير ۽ پ. پ. پ اڳواڻ ضياءُ الحسين ولد غلام رسول لنجار 25 ڊسمبر 1973ع تي نوابشاهه شهر ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم مقامي اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪئي. وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1999ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري عملي سياست جو آغاز ڪيائين. ان سان گڏ پاڻ وڪيل به آهي. 2008ع کان پ. پ. پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي ڪوآرڊينيٽر طور ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو آهي، گڏوگڏ پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي نوابشاهه جو صدر رهڻ سان گڏ نوابشاهه بار ۾ به پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو آهي. هن 11-2010ع وارين برساتي ٻوڏن ۾ پارٽي پاران متاثرن کي گهرن مان ڪڍي ڪئمپن تائين پهچائڻ، توڙي دوائن ۽ کاڌ خوراڪ وغيره جي سهولت پهچائڻ تائين مدد ڪئي. ضياءُ الحسين لنجار سياسي، سماجي سرگرمين توڙي وڪالت سان لاڳاپيل آهي. 2013ع واري اليڪشن ۾ چونڊجڻ بعد سنڌ جي قانون ۽ جيلن جو صوبائي وزير رهيو.
ضياءُ الحسن لنجار، 2018ع جي عام اليڪشن ۾ PS.36 تان اليڪشن وڙهيو، پر کَٽي نه سگهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.12.25  عيسوي

ضياءُ الحسين ولد غلام رسول لنجار 25 ڊسمبر 1973ع تي نوابشاهه شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالش
بسنت فقير زوار
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
حسن شيخ 1
ارجن داس
جان محمد عباسي فدا
جيلاني حنا
سر عبدالرشيد جسٽس
شمس الدين احمد حڪيم
دهلوي شاهه غلام محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون